بلاگر بابت

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي وڌيڪ پڙهو..

Tuesday, 19 November 2013

سُر گھاتو

داستان پهريون
1
گَهنگَهرِيا گَهڻَ ڄاڻَ، موڙهِي مَتِ مَهائِيين؛
وِيا گَڏجِي وِيرِ ۾، پِيا مُنهِن مَهراڻِ؛
اڳيان پويان ٽاڻَ، وِيا ويچارَنِ وِسري.
2
ماڪَ ڀِڄايَنِ مولِهيا، مٿان راتِ پئِي؛
اولِيون اُجَهڻَ لَڳِيون، وِيا وَنجَهه وَهِي؛
ڪَلاچِيان ڪَهي، ڪَڏَهِن ڪونه آئِيو.
3
ڪو جو قَـهَرُ ڪلاچ ۾، گِهڙي سو نِئي؛
خَبَرَ ڪونه ڏِئي، رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
4
ڪالھ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کڻي ڇُڳيرَ؛
ڀائِرَنِ ڀيرو نه ڪَيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ؛
اهڙِي خاصِي کيرَ، ڪُنَّ ورائي جَھـلِي.
5
تَرِيُون پَسان نه تارِ ۾، جُھڳا جاءِ نه ڪَنِ؛
مادَرِ! ملاحَنِ، ماڳِ نه ڍويا مَڪُڙا.
6
ڏِهاڻِي ڏِٺَمِ ڪيتِرا، جنِين مارِيو موڪَ؛
گَھرَ ۾ گھاتُوئَڙَنِ جا، ٿا مارينِمِ ٿوڪَ؛
لَڏي وِچان لوڪَ، اُونهي ويا اوهِرِي.
7
اُڀِي اوسِڙان اُسَ ۾، جَھليو ڪُنَّ ڪِنارَ؛
گھاتُو گَھرِ نه آئِيا، وَڏِي لَڳِـيَنِ وارَ؛
هُيَسِ جنِين هارَ، سي موڙي چَڙِهيا مَڪُڙا.
8
جِتي گھورِيو گھاتوئِين، تِتي وارِيءَ بُٺَّ؛
سَهسين ساٽي مُٺَّ، سَرُ سُڪو، سُونگِي گَيا.
9
مُون اُڌارِيا مَڇَڙا، اللهَ! گھاتُو آڻِ،
مِيان! مُدارَنِ سين، مونکي، قادرَ! وِجُھ مَ ڪاڻِ؛
هَٺَ مُنهِنجي هاڻِ، قَدُرُ لِڌو جِنِ ري.
10
اَئِين جا لُڏو لوڏَ، اِيَ پَرِ گھاتُوئڙَنِ جي؛
ڪُنَّ ڪلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نه سُتا ڪَڏهِين.
11
گھورِيندي گھورِپِيا، اَگھورِ گھورِيائُون؛
مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهَن سَنَرا.
12
جِئَن جُھڳا پائِيين جھولَ ۾، اِئَن نه مَرَنِ مَڇَّ؛
سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِـيُون رَڇَّ؛
هِي ڇارُون ۽ ڇَڇَّ، اڃا اوڙاهُ آڳاهُون ٿِيو.


About ""

Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Vivamus suscipit, augue quis mattis gravida, est dolor elementum felis, sed vehicula metus quam a mi. Praesent dolor felis, consectetur nec convallis vitae.

No comments:

Post a Comment

 
Copyright © 2013 Abdul Majid Bhurgri