بلاگر بابت

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي وڌيڪ پڙهو..

Wednesday, 27 November 2013

سُر ڪارايل

داستان پهريون
1
"وَحۡدَهٗ" وائِي، چَڙَهندي چَيائِين؛
سو لُڙُ لَنگِھيائِين، جِتي پارَکَ پَکِيان.
2
ٻَگَھنِ سين ٻاڻُ هَڻِي، اُڏاڻو آڪاسِ؛
جِتي پِرِين سَنداسِ، سو سُر مَڻي هَنجَڙو.
3
اکڙيُون اوڙاهَ ۾، اُڀو تَڪي تارِ؛
پِٿُون جي پاتارِ، هَنجُ تنِين جو هيرَئُون.
4
وَڃِين نه پيهِي، پِٿُنِ لَءِ پاتارَ ۾؟
ڪنڌِيءَ ۾ ڪيهِي، هاجَ تُنهِنجِي هَنجَڙا.
5
ٿِيو حُضُورِي هاڻِ، سوجھا پِيَسِ سَرَ جي؛
کَنڊي لَڌِي کاڻِ، پَکِـيَڙي پاتارَ ۾.
6
اڇو پاڻِي لُڙُ ٿِيو، ڪالُورِيو ڪَنگَنِ؛
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهِن سَرَ مٿي هَنجَڙا.
7
هَنجَنِ سين هيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪري نِهارِئين؛
ٻَگَھنِ ساڻ ٻِيهارَ، ٻيلَھ نه ٻَڌِين ڪَڏهِين.
8
آءُ اُڏامِي هَنجَڙا! سَرَ ۾ سارِينَئِي؛
مَتان مارِينَئِي، پاڙِهيري پَھُ ڪَري.
9
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنر ڀِري آڪاسِ؛
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ؛
تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا.
10
ڪَؤنر پاڙُون پاتارَ ۾، ڀَؤنرُ ڀِري ۾ سُڃَ؛
ٻِنِين سَندِي ڳالھڙِي، عِشق اِيُّ اُهڃَ؛
توءِ نه لَهينِ اُڃَ، جي پِيو پِيَنِ پاڻَ ۾.
11
جيهَرَ لوڪُ جَھپَ ڪري، اوهيرَ اُڏامَنِ؛
پِٿُون جي پاتارَ جا، چيتارِيو چُڻَنِ؛
ڪوهُ ڪَندا کي تَنِ، پاڙِهيڙِي پَہُ ڪَري؟
12
وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.

داستان ٻيو
1
سو پَکِي سو پِڃِرو، سو سَرُ سوئِي هَنجُ؛
پيهِي جان پَرُوڙِيو، مون پانهِنجو مَنجُھ؛
ڏِيلَ جَنهِن جو ڏَنجُھ، سو مارِي ٿو مَنجِھ ڦِري.
2
سَنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسِينگَنِ جا؛
جَنِين جي جَھڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نه چُري.
3
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، اُوءِ ڪَڇَرَ وِهَ کَري؛
تِن جا مُنهَن مَلَڪَنِ جَهِڙا، ٽِڪو نان نه ٽَري؛
جي اُنهِين ساڻُ اَڙي، ته ڪانهي جاءِ جَرِيءَ جي.
4
آسَڻَ جن اَريجَ ۾، تن جي وِهُ جو وَرَنُ ٻِيو؛
تن جو ڪَنڊو ئِي ڪَمُ ڪَري، جي مَٿِسِ پيرُ پِيو؛
پُرِيَنِئان آهي پَڌِرو، تن نانگَنِ جو نِهو؛
ڪِلي ويلَ ڪِهو، جو سامُهون ٿِئي سَپَنِ کي؟
5
ڪَنهِن ڪَنهِن ڪاريءَ ذاتِ کي، مورَ به مَٽائِينِ؛
جي چَتُرا چَکِيا ڪَري، ته وَڳَ وَرائي ڏِينِ؛
ساٿَ سَمُورا نِينِ، جي مَٺين ڀانئي موٽِيا.
6
پَهرِين ڪاري نانگَ جِي، ڪو ڇِرڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَري؛
هي هَڻي ڏَنگَ ڏَسائِيو، ته ويجھو تان نه وَري؛
جيڪي ٽَپِ مَري، جيڪي سِڪي صِحَتَ کي.
7
کَـپُرَ! گاروڙِيُنِ سين، وڏو وِڌُءِ ويرُ؛
نانگَ! نه ويندين نِڪِرِي، تو ڏَرِ مَٿي پيرُ؛
هِيُّ تنِين جو ڊيرُ، جن جُهوناڳَڙُھ جَلائِيو.

About ""

Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Vivamus suscipit, augue quis mattis gravida, est dolor elementum felis, sed vehicula metus quam a mi. Praesent dolor felis, consectetur nec convallis vitae.

No comments:

Post a Comment

 
Copyright © 2013 Abdul Majid Bhurgri