بلاگر بابت

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي وڌيڪ پڙهو..

Widget 1

Widget 2

Recent Work

Saturday 8 February 2014

سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت طرفان سندن خصوصي انٽرويو

(سوالن جي ترتيب : عبدالحفيظ لغاري ، رحيم بخش ۽ ذيشان رشيد)​


لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر (موجوده ضلعي) شهداد ڪوٽ جي ڳوٺ غُلام نبي ڀُرڳڙي ۾ 1948ع ۾ جنم وٺندڙ عبدالماجد ڀُرڳڙي جو نالو هن وقت سنڌي ڪمپيوٽنگ جي حوالي سان ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. پاڻ 1972ع ۾ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پي آئي اي ۾ ملازمت ڪئي ۽ اڃان تائين آمريڪا ۾ رهائش اختيار ڪئي اٿن.
1991ع کان اڳ ڪمپيوٽر ۾ لکڻ لاءِ ڪمپيوٽرز جي ڪي دٻائڻ سان لکيا ويندڙ اکر آسڪي ڪوڊ تي هوندا هئا. جِن جي روز ايندڙ نون سافٽويئرز سان مطابقت نه هوندي هئي. 1991 ۾ جڏهن يوينڪوڊ آيو ته اهو مسئلو حل ٿي ويو. ٽيڪنيڪل زبان ۾ ته کڻي مُشڪل ٿئي سمجهڻ يا سمجهائڻ پر ايئن سمجهو ته آسڪي ڪوڊ ماکي يا جيل وانگي ڪو گهاٽو ڳار هُجي ۽ يونيڪوڊ ڪنهن پاڻي جهڙي ڳار وانگي. توڙي جو ٻئي ڪنهن به ٿانؤ ۾ پنهنجي شِڪل اُها ٺاهيندو آهي جيڪا ان ٿانو جي هُجي پر پوءِ به پاڻي جي معاملي ۾ جيل يا ماکي کي وقت لڳي ٿو. بس سمجهو ته ڪمپيوٽر ۾ لکڻ اهو پاڻي آهي ۽ روز بروز ايندڙ نون سافٽويئرز يا پروگرامز کي ٿانؤ سمجهو.

Thursday 6 February 2014

سُندري اُتمچَنداڻي جون ڪھاڻين

سُندري اُتمچَنداڻي جي ڪھاڻين ۾ ھڪ معياري ڪھاڻيءَ جو سڀيئي خصوصيتون توھان کي نظر اينديون. زندگيءَ جي مسئلن کي مد نظر رکي لکيل سندس ڪھاڻين جا مرڪزي خيال، نھايت ئي سھڻي ۽ پراثر محاوريدار ٻوليءَ سان نڀايل ملندا. سندس ڪھاڻيون پڙھندڙن کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪن ٿيون.
ھن جا ڪتاب ھند ۽ سنڌ ۾ ڪافي مقبول ٿيا آھن ۽ سنڌ ۾ به ور ور ڪري پئي ڇپيا آھن. سندس ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ھندستان جي ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيون آھن. نھرو امن انعام، ساھت اڪادمي انعام، گورو پرسڪار ۽ ٻين ڪيترن ئي انعامن سان سندس ساھتڪ شيوائن جو اقرار ڪيو ويو آھي.
مان آشا چاند جو شڪرگذار آهيان جنهن مونکي هنن ڪهاڻين کي انٽرنيٽ تي پبلش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان ۾ منهنجي مدد ڪئي ته اهي ڪهاڻيون هنن اليڪٽرانڪ صفحن جي سونهن بڻجن. هي ڪهاڻيون سندس مجموعي 'مُرڪ تي منعُ' مان آهن.

Wednesday 5 February 2014

سنڌي فانٽ ڊائون لوڊ ڪيو



ڌڻي جي مهرباني سان سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر فونٽ جي تعداد جي لحاظ کان ڪافي آسودي ٿي وئي آهي. هن وقت ويب تي سو کان وڌيڪ سنڌي فونٽ آهن جيڪي ڊائون لوڊ ڪري سگھجن ٿا.

سنڌي انسٽال

ايم بي سنڌي ونڊوز ۸ لاءِ



ونڊوز ۸ ۾ سنڌي ٻولي لاءِ سپورٽ ته آهي، پر ڪي بورڊ مهيا ڪونه ڪيو ويو آهي. ڪجھ عرصو اڳ عزيزم شبير ڪنڀار منهنجي چوڻ تي ان لاءِ ڪيبورڊ ٺاهيو هو جيڪو حاضر خدمت آهي. انسٽال ڪيو ۽‌ ونڊوز ۸ ۾ سنڌي استعمال ڪيو. 

هتي ٽڙڪ ڪري پروگرام اتاريو

Monday 3 February 2014

سنڌي ڪمپيوٽنگ جو تعارف


سنڌي ڪمپيوٽنگ جو آغاز محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب 1987ع ۾ ايپل جي مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي استعمال ٿيندڙ عربي ۽ فارسي ورڊ پروسيسنگ جي پروگرام ”الڪاتب“ ۾ تبديليون آڻي ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ سندس ليزر پرنٽر تي سنڌيءَ جو پهريون صفحو پرنٽ ٿي نڪتو جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ جو پهريون قدم هو. اهڙي خوشيءَ جي خبر روزانه هلال پاڪستان سڄيءَ سنڌ کي ڏني. ان ڪاميابي بعد ساڳي اخبار ۾ پهريون سنڌي ڪمپيوٽر ذريعي ڪمپوز ٿيل ڪالم انعام شيخ جو ”ڪَکُ پن“ ڇپيو. ايئن سنڌي اشاعتي صنعت ۾ ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ جي ابتدا ٿي ۽ ڪمپازيٽرن جي جاءِ ڪمپيوٽرن ورتي. ان کان اڳ اهو (ڇپائي جو) ڪم ڪمپازيٽر (شيهي جي ٽائپ فريم ۾ سيٽ ڪري پريس لاءِ مضمون تيار ڪندڙ) ڪندا هئا، جيڪو انتهائي ڏکيو ۽ بي حد ٿڪائيندڙ توڙي صحت لاءِ هاڃيڪار عمل هو، جنهن ۾ شيهي (Lead) جي ٺهيل ٽائپ هوندي هئي ۽ هڪ هڪ حرف جو مختلف روپ خانن ۾ پيل هوندو هو. پوءِ ڪمپازيٽر هڪڙي ڪاٺ يا ميٽل جي سانچي يا فريم ۾ انهن کي هٿ سان سيٽ ڪري لفظ به لفظ جوڙي مضمون ترتيب ڏيندا هئا. مسلسل اهو ڪم ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪمپازيٽر اڪثر شيهي جي زهريلي اثر يعني Lead Poisoning جو شڪار ٿي ويندا هئا. ڄڻ ته سنڌي ڪمپيوٽنگ اهڙي هاڃيڪار پورهئي مان سندن جند آجي ڪرائي، نه رڳو اهو پر ان سان ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزي، خوبصورتي ۽ چٽائي به آئي.
 
Copyright © 2013 Abdul Majid Bhurgri