بلاگر بابت

رشيد سمون جنهن جو تعارف هوئن ته سنڌ سلامت آهي پر سنڌي بلاگنگ جي دنيا ۾ نوان ٽيمپليٽ متعارف ڪرائي اهي سنڌين ۾ ورهائي سنڌي ٻولي جي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ اڳڀرائي ۽ سهڻي ڏيک ڏيڻ لاءِ ڪوشان ڪرڻ به سندس ئي ڪم آهي وڌيڪ پڙهو..

Sunday 22 December 2013

سارنگ

داستان پهريون
1
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان؛
بجلِي بادل سان، آهي جيئن سُپرم.
2
سارنگ سندا ساٺَ، سرتيون ساٺِڻَ آئيون؛
ڦيريو راڳن ٺاٺَ، وِڄُن ويس وَس ڪيا.
3
پورب سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار؛
وِڄُن ۽ وَڄڻ سان، چڙهن ٿا چوڌار؛
اُڀي کي آبِيندي، لڌئون سِنڌُڙِيءَ سار؛
ساوا ٿيا سَنگھار، موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان.
4
موليٰ سَنديءَ مِهرَ سان، ساوا ٿيا سَنگھار؛
ڏَلهٖي ڇڏيو ڏُٿ سان، ڏوٿيين ڏِيار؛
ترايون تجل جون، ٿيون تارون تار؛
سَو راهين سنوارَ، صاحب سَڻائي ڪَئِي.
5
ٻَهه ٻَهه ڪندا آيا، ٻيهر ٻَڪَروالَ؛
ڪڪرن جي ڪڙڪاٽَ کان، ويا ٽهِي مالَ؛
آهُن ۾ اچِي پَئِي، چونگن سندي چالَ؛
مندائتي منڊل ڪيا، جر اُٺا جالَ؛
پَلَر سان پُسِي پيا، پنهوارن پَلال؛
جھُرِي پيون جھوپيون، جھانگيڙن آجھالَ؛
نَنگو ڪَج نه نِڌر کي، نِماڻن نَنگ پالَ!
جَنِ جا هِهڙا حالَ، تن پَرور پَت رکيج تون!
6
مِهرَ سَندا مِينهَن، شاهه وسائِين شَل!
جھُريَلَ منهنجي جھوپِڙي، بنا جھَلي جھَلَ؛
ڪاهِلِ تي ڪَهَلَ، ڪندين شالَ ڪريمَ تون!
7
وِڄُن وِکَ وَڌائِي، وَسَڻَ وَسُ ڪِيو؛
وَڄَڻ واڄا واه ڪيا، پَلُر پوءِ پَلِٽيو؛
�سَچا� سائو ٿِيو، سڀڪو سارنگ آئي.
8
نازڪ سندو نِينهُن، آهي اِئين جيڏيون؛
پنهنجي رائِي ريج ڪَري، جيئن ساوڻ مِينهُن؛
راز رکي ٿو ريهُن، مَن ۾ محبوبيءَ جو.
9
راتاڪو ريهُن سان، رِڻَ ڪيائين ريجَ؛
پَٽَن مٿان پَلٽِيون، هِيرون مَنجھان هيجَ؛
بَرن ۾ بهارَ ڪئِي، گلزاريءَ جي گيجَ؛
�سَچل� سارنگ سيجَ، سونهين ساوڪ وچَ ۾.
10
سارنگَ رنگَ ڪيا، پوياڙيءَ پَٽن تي؛
ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، پَلَر پِي ڍيا؛
ڏيهان ڏرت ويا، موليٰ سنديءَ مِهرَ سان.
11
عالم کي آگاهه، سارنگ ڪندو آئيو؛
گُڙَ جيئن گوڙيون ڪَري، ڪاهيون اَچي ڪاه؛
وايوءَ سان وارا ڪري، ٺاهيو اَچي ٺاه؛
وَسايائِين وَڏَ ڦڙو، واٽن تي واه واه؛
گلزاريون ۽ گاه، پَٽَن تي پڌرا ٿيا.
12
اَڄ پڻ پورَبَ پارَ ڏي، ڪَڪر ڪَڪوريا؛
سارنگَ سُرَ سُرائتا، ساجھُري سوريا؛
سُر منڊل ۽ سارنگيون، چَنگ چڱا چوريا؛
اُڀَ اُتي اوريا، طَبَلَ تارون تيج سان.
13
وسِي پيو وَڏَ ڦڙو، ڀِنيون ڀِٽَ ڀَريون؛
ڀَٽاريون ڀِٽُن تان، وٿاڻين وريون؛
کِيرن جو کَريون، چاڏيين ڏنئون چاه مان.
14
چاڏئين ڏنئون چاهَ مان، کيرن جون کَريون؛
وهائينديون سي آئيون، ٿَڻن مان ٿريون؛
ڀَٽاريون ڀريون، آيون وسائي وَڏ ڦُڙا.
15
والي وسائيج، درد منديءَ جو ديس؛
پِرين مون پرديس، اُٺِي اِيندم اُوڏڙا!
16
مُندون موٽي آئيون، جھُڙ جھجھا جوٽيون؛
پَلَرَ ساڻ پُر ٿيا، پوٺا ۽ پوٺيون؛
پَسِي مِينهن مهر جا، ميهيُون اَڄُ موٽيون؛
چَريو اَچن چوٽيون، وٿاڻين ولَر ڪيو.
17
والي وري تون، وطن تي وسَ ڪرين؛
مِينهن وسندي مون، سڄڻ ساريم سُپرين!
18
ديسا ديس وسِي پيا، رحمتَ جا درياه؛
گلزاريون ۽ گاه، پوٺن تي پڌرا ٿيا.
19
سارنگ سعي ۾ اَٿِي، �سچل� سستِي ڇڏ؛
مٿان ايندءِ اوچتو، هاڻ نه مُڙندءِ هَڏِ؛
اَجھاپِي ڪا اڏ، وسَڻَ کان اڳٖي وڃِي.
20
سارنگ ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا؛
پَکن پرڙا سوئيا، پِره ڦٽِيءَ پرڀات؛
پَٽن تي پڌرا ٿيا، گُلَ ڦُلَ ڀاتون ڀاتِ؛
وائِي سڀ ڪنهن وات، �سچل� سارنگ ساٺ جِي.
21
سارنگ صبح آئيو، گوڙيون ڪري گاجَ؛
هاري هَليا هاجَ، ڪُڙمين هَر ڪُلهي ڪيا.
22
ڀينر نا ڀانئيو، ته بوندنِ ڪَئي آ بَس؛
اِجھوڙِي آئيو، ورِي ويتر وترو.
23
اکين آب وهائِيو، سرتيون سارِي راتِ؛
وهائِن وڏ ڦڙو، پرچن نا پرڀاتِ؛
ڀينر کان بَرساتِ، اَکين اوتڻ سکيو.
24
هِڪ وسَڻ ٻيو وڄَڻ، ٽيون لَهي پيو سيءُ؛
جھوري وڌئين جھوپيون، ڇَن وڌائين ڇِيءُ؛
رنُن جو رڻَن ۾، واهَ وسيلو ٿِيءُ؛
حال جنين جو هيءَ، تَن پَرور رک پناهَ ۾!
25
اَول آنڌي آئي، پويان جھُڙ جھَجھو؛
نڪو اولو آسرو، نڪو اوٽَ اَجھو؛
ڏهيلين ڏجھو، تَن پروَر رک پناهَ ۾!
26
اَول آنڌي آئِي، پويان ٿي برساتِ؛
رعد جي رڙين ۾، ڀيڻي نه هُئِي باتِ؛
ويچارين ورن جي، وائِي هُيَڙي واتِ؛
مٿان وسَڻ هيٺان چِڪڻ، سيءَ مُيون سڀ رات؛
پِرهه ڦٽي پِرڀات، ڪڻڪان ڪانڌيٖن گَڏيون.
27
اَڄ پوربَ پار ڏي، ڪَڪَرن ڪڍيا ڪوڙَ؛
صبح ويل سويلَ جو، سارنگ لاتِي سوڙَ؛
وڄن واڄا واه ڪيا، مينگھ ٻَڌا اَڄُ موڙ؛
لوڪان لاٿِي لوڙَ، موليٰ پنهنجي مهر سان.
28
اُتَران اوري، بادل بَرسِي آئِيا؛
سُرَ سُريلا سوز جا، سارنگ ٿو سوري؛
گھوري مان گھوري، اجھو اڱڻ آئِيا.
29
اُتران اوري، ڪئِي چِمڪڻٖي چَمڪاٽ؛
اُتان ڪيائين اوچتِي، لس ٻيلي تي لاٽَ؛
منڊلَ ٿيا مَڪرانَ تي، گوڙن جا گڙگاٽَ؛
ڪَڪَرن مٿان ڪيچ جي، ڦڙڪِي کاڌا ڦاٽ؛
وري ورتَئون واٽَ، �سچل� سائي سنڌ جي.
30
سچلَ سائِي سنڌ جي، وري ورتائون واٽَ؛
جھُڙ ڦڙ جھُلي آئِي، جھٽِڪو ڏيئِي جھاٽَ؛
وسِي پيا وڏَ ڦڙا، گھيڙ پُسائي گھاٽَ؛
لاٿِي اڃ اُساٽَ، سارنگ سنگهارنَ جِي.
31
سارنگ آيو صبر ۾، بوندن ڪئِي بَس؛
رنگا رنگِي رسِ، قَزح ڪَڍي نيل تي.

About ""

Lorem ipsum dolor sit amet, consectetur adipiscing elit. Vivamus suscipit, augue quis mattis gravida, est dolor elementum felis, sed vehicula metus quam a mi. Praesent dolor felis, consectetur nec convallis vitae.

No comments:

Post a Comment

 
Copyright © 2013 Abdul Majid Bhurgri